ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب جو وزير اعظم عمران خان کي چيلينج

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب وزير اعظم عمران خان کي چيلينج ڪندي جاري ڪندي چيو آهي ته عمران صاحب عوام کي ريليف ڏيڻو آهي ته جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار جي ملز جي جهڙتي وٺو.

جاري ڪيل بيان ۾ ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته 24 ڪلاڪ گذري ويا، پر هينئر تائين جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار جي ملز جي جهڙتي نه ورتي وئي.

هن چيو ته عمران صاحب جي نااهل ترين، نالائق ترين ۽ ڪرپٽ ٽولي جي ڪري ملڪ غريب ترين ٿي ويو آهي.

هن چيو ته عمران صاحب توهان ۽ توهان جي دوستن جي چوري جهانگير ترين کي امير ترين ۽ ملڪ کي غريب ترين ڪيو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*