منهڙو ويجهو عورت ٻن ٻارن سميت روهڙِي ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، عورت جو لاش هٿ

منهڙو ويجهو عورت ٻن ٻارن سميت روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، عورت جو لاش هٿ، موجود ماڻهن هڪ ٻارڙيءَ کي بچائي ورتو، ٻي جي ڳولا جاري آهي.

ڳوٺ حاجي وارث ڏاهري ۾ عورت صاحبه ڏاهري  پنهنجي ٻن ٻارڙين  4 مهينن جي صبا ۽ 4 ورهين  جي ڪرن سميت روهڙي ڪينال ۾ ٽپو ڏنو،

واقعي واري هنڌ  موجود ماڻهن ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ عورت صاحبه ڏاهري  جو لاش هٿ ڪري ورتو. 4 مهينن جي ٻارڙيءَ صبا کي  صحيح  سلامت ٻاهر ڪڍيو ويو، جڏهن ته  4 ورهين جي ٻارڙي ڪرن هٿ نه اچي سگهي ، ٻارڙي جي ڳولا جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*