وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي بلديا ٽائون ۾ پوليو مهم جو افتتاح ڪيو

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي بلديه ٽائون ۾ پوليو مهم جو افتتاح ڪيو ، وڏي وزير چيو آهي ته وڏي وزير چيو آهي ته  آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ واري ڪابينا جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ منهنجو فرض آهي، وزيراعظم آءِ جـِي سنڌ کي تبديل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، اسان آءِ جي پوليس لاءِ 5 نالا ڏئي چڪا آهن پر پوءِ به مسئلوحل نه ٿيڻ تي افسوس آهي، گورنر سنڌ سان منهنجي ملاقات ٿيندي رهندي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي بلديه واري علائقي ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاري  پوليو مهم جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پوليو کي ختم ڪرڻ وڏو چئلينج بڻيل آهي، ڪراچي کانپوءِ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به مهم شروع ڪئي ويندي.

وڏي وزير ٻارڙن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيئارڻ بعد کين تحفا به ڏنا.

وڏي وزير چيو ته 23 لک ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويندا، گذريل سال سنڌ ۾ پوليو جا 30 ڪيس ظاهر ٿيا ۽ نئين سال جي شروعات به خراب ٿي آهي، پوليو جا وڌيڪ 5 ڪيس سامهون آيا آهن.

آءِ جي سنڌ جي تبديلي واري معاملي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته، آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ واري ڪابينا جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ منهنجو فرض آهي، وزيراعظم آءِ جـِي سنڌ کي تبديل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، اسان آءِ جي پوليس لاءِ 5 نالا ڏئي چڪا آهن پر پوءِ به مسئلوحل نه ٿيڻ تي افسوس آهي.

مراد علي شاهه چيو ته گورنر سان منهنجي ملاقات ٿيندي رهندي آهي، ملاقات واري معاملي کي اشو نه بڻائڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*