وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ سيڪريٽري پهچي ويو، غيرحاضر ملازمن تي ڪاوڙ جو اظهار

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ سيڪريٽريٽ جو اوچتو دورو ڪري آفيسرن جي حاضري جو جائزو ورتو، وڏي وزير جي دوري دوران  سيڪريٽري تعليم ۽  مڪاني کاتي جي سيڪريٽري سميت مختلف کاتن جا سيڪريٽريز ۽ ملازم آفيسن مان غائب هئا وڏي وزير آفيسرن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪو آفيسر وقت تي آفيس نه ٿو پهچي اهو گهر ويهي رهي ، هاڻي مان سرپرائيز  دورا ڪندس.

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ سيڪريٽريٽ جو اوچتو دورو ڪري مختلف کاتن جي آفيسن جا دروازا کولي آفيسرن جي حاضري جو جائزو ورتو.

وڏي وزير جي دوري دوران سيڪريٽري تعليم، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري سميت ڪيترن ئي کاتن جا آفيسر ۽ ملازم آفيسن مان غائب هئا.

وڏي وزير مراد علي شاهه سيڪريٽريز ۽ ملازمن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪو آفيسر وقت تي آفيس نه ٿو پهچي اهو گهر ويهي رهي ، غير ذميواري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.

آفيس۾ موجود عملي وڏي وزير کي ٻڌايو ته آفيسر  چيف سيڪريٽري وٽ ميٽنگ ۾ ويل آهن، جنهن تي وڏي وزير عملي کي ڇنڊ پٽندي چيو ته ڪوڙ نه ڳالهايو  چيف سيڪريٽري وٽ  ڪابه گڏجاڻي ناهي.

وڏي وزير سيڪريٽري جي اَي کي طلب ڪري آفيسرن جي  غير حاضري بابت پڇاڻو ڪيو ۽ سڀني آفيسرن جي حاضري جو رڪارڊ به طلب ڪيو .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*