تعليم وارو صوبائي وزير سعيد غني ماضي کي ياد ڪري روئي ويٺو

تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي ڪامرس ڪاليج جو دورو ڪري اسيمبلي جو جائزو ورتو، اسيمبلي کي خطاب دوران سعيد غني ماضيءَ ۾ ڏٺل ڏکن کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙي ويٺو.

تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني ڪامرس ڪاليج پهچي اسيمبلي جو جائزو ورتو.

سعيد غني اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته  هو پاڻ به ڪامرس ڪاليج ۾ ئي تعليم پرائي ۽ ان ڪاليج سان سندس يادون لاڳاپيل آهن.

سعيد غني چيو ته سندس واسطو هڪ غريب ڪٽنب سان هيو،  سندس وڏڙا  اڻ پڙهيل هئا پر هنن سندس والد کي پڙهايو.

تعليم وارو وزير ماضيءَ ۾ ڏٺل ڏکن کي ساري ڳوڙها لاڙي ويٺو، جنهن کي استادن ۽ ڪاليج جي پرنسپال آٿت ڏني.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*