غريب ۽ پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريبن ۽ پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين، غريب عوام جي تڪليفن تي حڪومت خاموش تماشائي نٿي بڻجي سگهي.

مهانگي تي ضابطو آڻڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي پهرين ترجيح عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ پگهاردار طبقو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ غريب ۽ پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ ۽ گهٽ اگهن تي شيون فراهم ڪرڻ بابت اجلاس ۾ کنيل قدمن تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ موجود بريفنگ به ڏني وئي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي پهرين ترجيح عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ پگهاردار طبقو آهي، کين رليف ڏيڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.

عمران خان چيو ته غريب عوام جي تڪليفن تي حڪومت خاموش تماشائي نٿي بڻجي سگهي.

وزيراعظم عوام کي رليف فراهم ڪرڻ بابت اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جو اعلان سڀاڻي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*