سال 2019 پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان پرامن سال رهيو: فواد چوڌري

سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته  هر وقت  مايوسي جون خبرون ٻڌون ٿا،پر حقيقتن جو ٻيو رخ به آهي،2019 پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان پرامن سال رهيو.

ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري  چيو ته پاڪستان ۾ سياحت وڌي وئي آهي.

هن چيو ته پلواما واقعي بعد ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو،سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي.

هن چيو ته هي به سٺي خبر آهي ته  پي ايس ايل پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي.

فواد چوڌري چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالوجي  جي ميدان ۾ به وڏيون ڪاميابيون سامهون آيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*