سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن صوبائي وزيرن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڏوهارين سان مبينا طور واسطو هئڻ خلاف صوبائي وزير سعيد غني ۽ امتياز شيخ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏياآهن،عدالت ٻنهي صوبائي وزيرن خلاف درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان کان به جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذار موجب  ايس ايس پي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته صوبائي وزيرن جا  ڏوهارين سان واسطا  آهن، تنهنڪري کين نااهل قرار ڏنو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي وزير سعيد غني ۽ امتياز شيخ کي نااهل قرار ڏيڻ بابت درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي ٻنهي صوبائي وزيرن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي شڪار پور ڊاڪٽر رضوان کي نوٽيس جاري ڪندي 19 مارچ تي  جواب طلب ڪري ورتو آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان پنهنجي رپورٽ ۾ ٻنهي صوبائي وزير جا ڏوهارين سان واسطا هجڻ جو ذڪر ڪيو آهي، تنهنڪري صوبائي وزير سعيد غني ۽ امتياز شيخ کي نااهل قرار ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*