چين کان ڦهلجندڙ ڪرونا وائرس وڌيڪ 103 انساني جانيون ڳڙڪائي ورتيون

چين کان ڦهلجندڙ  ڪرونا وائرس ۾ وڌيڪ 103 جانيون ضايع ٿي ويون،جنهن بعد فوتين جو تعداد وڌي هڪ هزار 16 ٿي ويو

چين جي صحت کاتي جي عملدارن  جو چوڻ آهي ته هينئر تائين ڪرونا وائرس  جا   ٻه هزار 478  ڪيس سامهون آيا آهن،اهڙي ريت متاثرين جو انگ وڌي 42 هزار638 ٿي ويو آهي.جڏهن ته فوتين ۾ ٻه پرڏيهي شهري به شامل آهن.

چين کانسواءِ ٻين ملڪن ۾ به ڪرونا وائرس جا نوان ڪيس سامهون آيا آهن،هينئر تائين پرڏيهه ۾ وائرس کان  300 متاثرن جي تصديق ڪئي وئي آهي.

اطلاعن مطابق جاپان ۾ سامونڊي جهاز تي موجود مريضن جو  تعداد 135 ٿي ويو آهي،جن ۾ 23 آمريڪي مسافر به شامل آهن.

پرڏيهي ميڊيا مطابق برطانيا ۾ ڪرونا وائرس جي متاثرن جو تعداد 8 ٿي ويوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*