ٽنڊوڄام ۾ ميونسپل ملازمن جي هڙتال سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو

ٽنڊي ڄام ۾ ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف ٻئي ڏينهن به  احتجاج ڪيو ويو

ميونسپل ملازم شبير چانڊيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميونسپل ڪميٽي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي ملازمن چيو ته چيئرمين پگهارن جي بل تي صحيح نٿو ڪري جنهن جي ڪري پگهارون نه ٿيڻ سبب ملازم سخت پريشاني جو شڪار آهن.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته پگهارون ادا ڪري پريشاني کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*