وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2020 جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2020 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت هلندڙ سال في ماڻهو جو حج پئڪيج 4 لک 90 هزار رپيا هوندو.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري چيو ته هلندڙ سال هڪ لک 79 هزار پاڪستاني حج جو فرض ادا ڪري سگهندا.

هن چيو ته هلندڙ سال سرڪاري حج اسڪيم لاءِ 60 سيڪڙو ۽ نجي حج اسڪيم لاءِ 40 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت پرائيوٽ حج آپريٽرز ۾ هڪ جيتري ڪوٽا ورهائي ويندي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اوڀر ريجن لاءِ 4 لک 90 هزار رپين جو پئڪيج هوندو جنهن ۾اسلام آباد، پشاور، لاهور، سيالڪوٽ، ملتان ۽ رحيم يار خان شامل آهن.

وفاقي وزير نور الحق قادري چيو ته حج پئڪيج ۾ واڌ سبب فضائي خرچ ۾ اضافو ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي، سعودي عرب ويزا فيس ۾ به واڌ ڪئي آهي ۽ رياض ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ٽرين ڪراين ۾ به اضافو ٿيو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*