بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان چوندو هو ته وزيراعظم ڪرپٽ هجي ته ملڪ ۾ مهانگائي ٿيندي آهي

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان چوندو هو ته وزيراعظم ڪرپٽ هجي ته ملڪ ۾ مهانگائي ٿيندي آهي، هاڻي هو ٻڌائي ته سندس ڪهڙي ڪرپشن سان ملڪ ۾ مهانگائي وڌي آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم مڃي وٺي ته هو نالائق، نااهل ۽ سليڪٽڊ آهي، وزيراعظم کي هاڻي گهر موڪلي غريب عوام کي رليف ڏيڻو پوندو.

هن چيو ته عمران خان جي سموري سياست ڪجهه ماڻهن تائين محدود آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جي اچڻ سان ملڪ جو هر طبقو پريشان آهي، مهانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ هو ته سڀني کي نظر اچي پيو ته جڏهن حڪومت آئي ته تڏهن مهانگائي هئي پر هاڻي ويتر وڌي وئي آهي ۽ پي ٽي آءِ جي اچڻ سان ملڪ ۾ بيروزگاري ۾ به واڌ ٿي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان چوندو هو ته هو آپگهات ڪري ڇڏيندو پر قرض نه وٺندو، اسان هاڻي آپگهات جو مطالبو نه ٿا ڪريون پر اوهان اهو ته مڃي وٺو اوهان غلط هئا.

پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان ڊيل پاڪستان ۽ عوام لاءِ سٺي  نه آهي، آءِ ايم ايف سان ڊيل ۾ غير حقيقي هدف مقرر ڪيا ويا، ڊيل سان معاشي خودمختياري  ختم ٿي وئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي سياسي يتيمن جو ٽولو عمران خان جي حڪومت جو حصو آهي ۽ هن ٽولي تي شهيد بينظير ڀٽو جا احسان آهن، هاڻي اهي ئي سياسي يتيم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان بينظير جو نالو  هٽائڻ چاهين ٿا.

بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم تي تنقيد دوران حڪومتي ميمبرز سخت گوڙ ڪيو ان تي پ پ چيئرمين اسپيڪر کي چيو ته اوهان وزيراعظم جو دفاع نه ڪريو ان لاءِ وزير ويٺل آهن، بلاول چيو ته عمران خان ايترو ڪريل آهي جو کيس شهيد بينظير جو نالو به برداشت نه پيو ٿئي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*