نون ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته حڪومت چورن لاءِ اٽي ۽ کنڊ کي پناهه گاهه بڻايو

نون ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته حڪومت چورن لاءِ اٽي ۽ کنڊ کي پناهه گاهه بڻايو، ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جو بحران پيدا ڪرڻ وارا حڪومت ۾ ئي ويٺل آهن.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته اسان ڪنهن به سازش جو حصو نه بڻجنداسين ۽ نه ئي ڊيل ڪنداسين، پر انتظار ڪريون پيا ته حڪومت پنهنجي ڪرپشن جي نتيجي ۾ ئي انجام تي پهچي.

هن چيو ته اٽي ۽ کنڊ جو بحران پيدا ڪندڙن کان عمران خان چندو جمع ڪندو آهي ۽ پاڻ ڪڏهن به چندو ناهي ڏيندو، هو ته ڪنهن سان هٿ ملائڻ به پسند نه ڪندو آهي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان جنهن کي پنجاب جو سڀ کان وڏو ڌاڙيل چوندو هو ان کي اسپيڪر بڻائي ڇڏيو آهي ۽  گذريل ڏينهن ته سموري پي ٽي آءِ انهي اسپيڪر جي گهٽيءَ تي بيٺل هئي.

خواجا آصف چيو ته سياست ۾ ايترو ظلم ڪيو وڃي جيترو پوءِ برداشت ٿي سگهي، سياستدانن جي برادري هڪٻئي کان انتقام وٺندي آهي، سياستندانن ماضي مان ڪو به سبق نه سکيو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*