مراد سعيد چيو آهي ته هڪ پرچو لهرائي سياست ۾ اچڻ وارا اسان جي قائد تي تنقيد ڪري رهيا آهن

وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته هڪ پرچو لهرائي سياست ۾ اچڻ وارا اسان جي قائد تي تنقيد ڪري رهيا آهن، زرداري جي جانشين کي اهو ئي جواب ڏينداسين جنهن جو هو اصل حقدار آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته حادثي طور چيئرمين بڻيل اسان کي سکائي رهيو آهي، اسان ڪنهن پرچي يا وصيت سان سياست ۾ نه آيا آهيون ۽ نه وري حرام جي ڪمائي تي وڏا ٿيا آهيون.

هن چيو ته اسان حادثاتي طور چيئرمين بڻيل جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائي سگهون ٿا، بلاول ڀٽو غلط ٻولي استعمال ڪري پارليامينٽ جي توهين ڪري پيو.

سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري ٻيهر غيرمهذب جملا ڳالهايا ته پوءِ کيس پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ ئي نه ڏيندس.

وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان گهڻي ڪرپشن سنڌ ۾ ٿي آهي، سنڌ جي گودامن ۾ ڪڻڪ ۽ اسپتال مان دوائون گم آهن ۽ لاڙڪاڻي جي عوام کي رولو ڪتن جي آسري تي ڇڏيو ويو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*