ڪنڊيارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گھٽجي نه سگھيو

ڪنڊيارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گھٽجي نه سگھيو ، اڄ وڌيڪ 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو. ٻئي طرف ٺل ۾ ڪجهه ڏينهن اگهه ڇتي ڪتي جو  ڏاڙهيل اڌڙوٽ علاج دوران ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

رولو ڪتن علي نواز، اصغر علي،  روشنا، جاويد. سمير علي، حسن فرزانا، رابعه ۽ ٻين کي زخمي ڪري وڌو،  جن کي ڪنڊيارو اسپتال آندو ويو ، جتي اسپتال انتظاميه وئڪسين نه هجڻ جو چئي زخمين کي واپس موٽائي ڇڏيو.

ڪنڊيارو اسپتال انتظاميا گذريل ڪجهه ڏينهن کان اسپتال ۾ وئڪسين موجود ناهي، تنهن ڪري زخمين کي نوشهروفيروز منتقل ڪري رهيا آهيون،

متاثرن جو چوڻ آهي ته ڪنڊيارو تعلقه اسپتال جيڪا وڏي آبادي لاءُ قائم ڪئي وئي آهي پر اسپتال ۾ مريضن کي ڪابه علاج جي سهولت نه آهي روزانو ڪيترائي ڪتن جا ڏاڙهيل اچن ٿا پر وئڪسين ڏيڻ کان اسپتال انتظاميه ٺپ جواب ڏئي واپس موڪلي ڇڏي ٿي.

هنن صحت کاتي جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪنڊيارو تعلقه اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ ڪتي جي چڪ جي وئڪسين نه ملڻ جو نوٽيس ورتو وڃي.

هوڏاهن ٻئي طرف 3 هفتا اڳ ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل مهراج چني لعل ڪراچي  جي اسپتال ۾  فوت ٿي ويو.

فوتي کي 3 هفتا اڳ ٺل جي اسپتال ۾ وئڪسين نه ملڻ سبب ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*