ٺڪراٺو هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي دوران اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب نائين ڪلاس جو شاگرد فوت

ٺڪراٺو هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي دوران اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب نائين ڪلاس جو شاگرد فوت ٿي ويو، صبح سوير تيار ٿي اسڪول لاءِ نڪتل شاگرد جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، خيرپور ۾ به پوليو خلاف مهم بابت گڏجاڻيءَ دوران وڏا ماڇيون واسڻ ليڊي هيلٿ ورڪر خورشيد چنو دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي.

ٺڪراٺو هاءِ اسڪول ۾ هلندڙ ڪلاس دوران نائين ڪلاس جو شاگرد عطاءُ الله پٽ سنگهار فقير مڱريو اوچتو بيهوش ٿي پيو.

استاد شاگرد کي کڻي اسپتال پهتا، جتي ڊاڪٽرن دل جي دوري سبب سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

صبح سوير تيار ٿي قلم ۽ ڪتاب کڻي اسڪول لاءِ روانَي ٿيل شاگرد جو اوچتو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

خيرپور ۾ به پوليو خلاف مهم بابت گڏجاڻيءَ دوران وڏا ماڇيون بنيادي صحت مرڪز جي ليڊي هيلٿ ورڪر خورشيد چنو دل جو دورو پيو.

ايل ايڇ وي اسپتال نيئندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، جنهن جو لاش سندس ڳوٺ وڏا ماڇيون پهچايو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*