ڪڙيو گهنور ڀرسان ايڪو سائونڊ نه گهرائڻ تان گهوٽ مبينا طور ڦاهو کائي ڇڏيو

ڪڙيو گهنور ڀرسان ايڪو سائونڊ نه گهرائڻ تان گهوٽ ڪاوڙ ۾ اچي مبينا طور ڦاهو کائي ڇڏيو، ڳوٺاڻن موجب گهوٽ 20 سالا عالم ڪولهي ڄڃ سان گڏ ايڪو سائونڊ کڻي هلڻ لاءِ چيو، مائٽن پاران منع ڪرڻ تي نم جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي انت آندو، گهوٽ جي آپگهات کانپوءِ گهر ۾ شاديءَ جون خوشيون ڏک  ۾ تبديل ٿي ويون.

پيرو شهر ڀرسان ڳوٺ کنگهار ڪولهي ۾ شاديءَ جي تقريب دوران ڄڃ سان ايڪو سائونڊ نه کڻي هلڻ تي گهوٽ 20 ورهين جي عالم ڪولهي ڪاوڙ ۾ اچي مبينا طور ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

گهوٽ جي آپگهات کانپوءِ شاديءَ جون خوشيون ڏک ۾ تبديل ٿي ويون، سندس ماءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.

ڳوٺاڻن موجب گهوٽ عالم ڄڃ سان گڏ ايڪو سائونڊ کڻي هلڻ لاءِ چيو، وارثن پاران انڪار ڪرڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي انتهائي قدم کنيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*