لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت حافظ سعيد کي 11 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت حافظ سعيد کي دهشتگرديءَ لاءِ رقمون گڏ ڪرڻ ۽ بندش پيل تنظيم جي رڪنيت تي 11 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.  لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد حسين ڀٽه لاهور ۽ گجرانوالا ۾ داخل ڌار ڌار ڪيسن جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

عدالت ٻنهي ڪيسز ۾ حافظ سعيد ۽ سندس ساٿي ظفر اقبال تي دهشتگرديءَ لاءِ رقمون گڏ ڪرڻ ۽ بندش پيل تنظيم جي رڪنيت ثابت ٿيڻ تي 11 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي،  عدالت مٿن 15-15 هزار ڏنڊ به وڌو.

حافظ سعيد کي 17 جولاءِ 2019 تي گرفتار ڪيو ويو هو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران  23 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*