قومي اسيمبلي ۾ توانائي جي وزير عمر ايوب پاران اڳوڻي صدر آصف زرداري تي ڪرپشن جا الزام

قومي اسيمبلي ۾ توانائي جي وزير عمر ايوب پاران اڳوڻي صدر آصف زرداري تي ڪرپشن جا الزام هڻڻ ۽  تنقيد ڪرڻ تي زبردست گوڙ ٿي ويو، حڪومتي ۽ پ پ جي ميمبرن  ڏند چڪ ڏنا ۽ هڪٻئي تي الرون ڪيون.

عمر ايوب پاران تنقيد ڪرڻ کانپوءِ  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جذباتي انداز ۾ اٿي بيٺو ۽ عمر ايوب کي تقرير بند ڪرڻ لاءِ چيو.

ان دوران پ پ ميمبر سيد نويد قمر ، عمر ايوب جي ڊائس تي پهچي ويو،جنهن بعد پ پ جا ميمبر ۽ وفاقي وزير به گڏ ٿي ويا.

پ پ جي آغا رفيع الله پهچي احتجاج ڪيو ۽ عمر ايوب طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پي ٽي آءِ  جا وزير فواد چوڌري ۽ ٻيا  جهيڙي کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، پر صورتحال خراب ٿي وئي.

ان دوران پ پ جي ميمبرن ايجنڊا جون  ڪاپيون ڦاڙي عمر ايوب جي مٿان اڇلڻ جو سلسلو جاري رکيو ۽ توانائي جو وزير به الرون ڪندو  رهيو.

جهيڙي دوران اسپيڪر ميمبرن کي جهيڙو نه ڪرڻ لاءِ اپيلون ڪندو رهيو پر ڪنهن به سندس ڳالهه نه ٻڌي، جنهن بعد اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*