بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٿيل ٺاهه کي ڦاڙي ڇڏڻ گهرجي

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٿيل ٺاهه کي ڦاڙي ڇڏڻ گهرجي، حڪومت کان جواب گهرون ٿا ته ذاتيات تي لهي ٿا اچن، عمران خان کي پنهنجي نااهلي ۽ سليڪٽڊ هئڻ جو اعتراف ڪندي آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدو ختم ڪرڻ گهرجي.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٿيل ٺاهه کي ڦاڙي ڇڏڻ گهرجي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ايتري مهانگائي ناهي ٿي، جيڪا موجوده حڪومت جي هڪ سال ۾ ٿي آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته حڪومت کان جواب گهرون ٿا ته ذاتيات تي لهي ٿا اچن،عمران خان کي پنهنجي نااهلي ۽ سليڪٽڊ هئڻ جو اعتراف ڪندي آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدو ختم ڪرڻ گهرجي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*