ٽنڊي باگي ۾ ورسي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتل تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني آڏو آٿيلا برادري جي ماڻهن احتجاج

ٽنڊي باگي ۾ مير غلام محمد ٽالپر جي ورسي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتل تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني آڏو آٿيلا برادري جي ماڻهن احتجاج ڪندي الزام هنيو ته جمالي برادري جي ماڻهن حملو ڪري سندن ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو پر پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري رهي آهي، صوبائي وزير ڳوٺاڻن کي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي انصاف ختم ڪرايو.

تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني ٽنڊي باگي پهچي مير غلام محمد ٽالپر جي 88هين ورسي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو ته آٿيلا برادري جي ماڻهن سندس آڏو سخت احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته هڪ ڏينهن اڳ جمالي برادري جي ماڻهن حملو ڪري علي غلام ۽ عبدالمجيد آٿيلو کي زخمي ڪيو پر پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري رهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث جوابدارن آصف جمالي، شاهنواز جمالي ۽ صدر جمالي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو وڃي.

صوبائي وزير آٿيلا برادري جي ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*