صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار عوام لاءِ رليف پيڪيج نه پر تڪليف پيڪيج ڏنو آهي

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار عوام لاءِ رليف پيڪيج نه پر تڪليف پيڪيج ڏنو آهي، وفاقي وزير ڪا بهتري ڪرڻ بدران گذريل حڪومتن تي الزام هڻي رهيا آهن، جيڪو به عوام جي مسئلن تي ڳالهائي ٿو ان ڏانهن نيب جا نوٽيس پهچي وڃن ٿا، بلاول ڀٽو زرداري کي به عوام جي ڳالهه ڪرڻ تان نيب نوٽيس موڪليا پر هو ڊڄڻ وارو ناهي.

صوبائي وزير ناصر شاهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ عوامي مسئلن جي حل لاءِ آن لائن ڊجيٽيل هيلپ لائن 1090جو  افتتاح ڪيو.

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ناصر شاهه چيو ته عوام صفائي سٿرائي، پاڻي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ شڪايتون ڪري سگهن ٿا،  سنڌ ۾ ٻن مهينن اندر بهتري اچي ويندي.

ناصر شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار عوام لاءِ رليف پيڪيج نه پر تڪليف پيڪيج ڏنو آهي، وفاقي وزير ڪا بهتري ڪرڻ بدران گذريل حڪومتن تي الزام هڻي رهيا آهن، جيڪو به عوام جي مسئلن تي ڳالهائي ٿو ان ڏانهن نيب جا نوٽيس پهچي وڃن ٿا، بلاول ڀٽو زرداري کي به عوام جي ڳالهه ڪرڻ تان نيب نوٽيس موڪليا پر هو ڊڄڻ وارو ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*