سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته خراب حڪمراني سبب سنڌ جو غريب طبقو پريشان آهي

ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته خراب حڪمراني سبب سنڌ جو غريب طبقو پريشان آهي، هٿ وٺي ملڪ اندر ڪڻڪ ۽ کنڊ جو بحران پيدا ڪيو ويو آهي.

جوهي ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي جلال محمود شاهه چيو ته بدقسمتيءَ سان اهڙن ماڻهن کي سياسي قوت ملي آهي، جن کي عوام جو ڪوبه احساس ناهي.

هن چيو ته سندن “بي ايمان ڀڄايو، سنڌ بچايو” مهم آهي، جتي به جنهن سان ظلم ۽ زيادتي ٿيندي، ايس يو پي جا ڪارڪن مددگار ٿيندا، جيڪڏهن اسين اڻڄاڻائي مان نڪري اچون ته سڀني جي تقدير تبديل ٿي ويندي.

جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو ته گورک هل اسٽيشن جي نالي تي ڪرپشن ڪري تفريحي ماڳ جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*