پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد ترڪ صدر رجب طيب اردگان وزير اعظم سان ملاقات ڪئي

پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد ترڪ صدر رجب طيب اردگان وزير اعظم سان ملاقات ڪئي آهي،جڏهن ايوان صدر ۾ صدر عارف علوي پاران مهمان صدر جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ وزير اعظم،آرمي چيف ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ آهن.

تُرڪ صدر رجب طيب اردگان پاڪستان جي 2 ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو، نورخان ايئر بيس تي وزير اعظم عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن ترڪ صدر ۽ سندس گهرواري جي پرجوش آجيان ڪئي، جنهن بعد وزير اعظم هائوس ۾ ترڪ صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

وزير اعظم هائوس ۾ وزير اعظم ۽ ترڪ صدر وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ خطي سميت عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

 ترڪ صدر دوري دوران پاڪستاني پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب به ڪندو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن  وچ ۾ دفاع، ريلوي ۽ اطلاعات سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وارن معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.

ترڪي جي صدر جي مان ۾ صدر عارف علوي پاران ايوان صدر ۾ آجياڻو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ وزير اعظم عمران خان، آرمي چيف ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*