راجا پرويز اشرف چيو آهي ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف جي ترجمان بڻجي وئي آهي

اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف جي ترجمان بڻجي وئي آهي،حڪمران سمجهن ٿا ته هو عوام لاءِ بهتر ڪري رهيا آهن، پر مان سمجهان ٿو ته حڪومت پنهنجي منزل وڃائي ويٺي آهي.گذريل ڏينهن جنهن وزير اڻ وڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي،ان کي معافي وٺڻ گهرجي.

قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته گذريل ڏينهن ايوان ۾ نامناسب جملا استعمال ڪري ايوان جو ماحول خراب ڪيو ويو.

هن چيو ته هي ايوان ڪنهن جي والد ۽ ڏاڏي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لاءِ ناهي.

راجا پرويز اشرف چيو ته گذريل ڏينهن ايوان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو،ان تي توانائي جي وزير ايوان ۾ اچي معذرت جي خاطري ڪرائي هئي.

هن چيو ته اسان هتي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ لڳا پيا آهيون  ۽ عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهيون.هاڻ اهو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*