مملڪتي وزير  شهريار آفريدي پاران مدرسن ۾ منشيات  جي استعمال بابت بيان تي قومي اسيمبلي ۾ مذهبي جماعتن پاران سخت احتجاج

اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي مملڪتي وزير  شهريار آفريدي پاران مدرسن ۾ منشيات  جي استعمال بابت بيان تي قومي اسيمبلي ۾ مذهبي جماعتن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ  اجلاس ۾ ڳالهائيندي  شهريار آفريدي جو چوڻ هو ته نوجوان خاص ڪري اسان جي تعليمي ادارن ۾ منشيات ڦهلجي چڪي آهي.

شهريار آفريدي جو چوڻ هو ته منشيات جي روڪٿام  لاءِ زندگي جي نالي سان ايپ لانچ ڪئي وئي آهي،سمورن تعليمي ادارن ۽ صوبائي حڪومتن سان به ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي.

شهريار آفريدي جي تقرير تي ايم ايم اي جي اڳواڻ مولانا اسعد محمود چيو ته شهريار آفريدي ڪوڙ ڳالهايو،هڪ مدرسي جي نالي تي سمورن مدرسن کي بدنام ٿيڻ نه ڏينداسين.

ان موقعي تي هن سخت احتجاج ڪيو ۽ ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*