بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کيس بي گناهه قرار ڏئي چڪي آهي

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کيس بي گناهه قرار ڏئي چڪي آهي،خدشن جي باوجود  نيب جي سامهون پيش ٿيس، مارچ ۾ حڪومت خلاف تحريڪ هلائينداسين، جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪيو ويو ته آصفا ڀٽو زرداري آواز بڻجندي ۽ تحريڪ جي اڳواڻي ڪندي.

راولپنڊي ۾ نيب  اڳيان پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ- آءِ ايم ايف جي بجيٽ کي نٿا مڃون.

هن چيو ته نيب ۽ حڪومت ان جي خلاف انتقامي ڪارروائي ڪري رهي آهي.مئي کان جنوري تائين نيب کي منهنجي خلاف ڪوبه اعتراض نه ڪيو، جيئن ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ ملڪي مسئلن تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي ته اوچتو نيب کي مان ياد اچي ويس، جنهن بعد نيب پاران مون کي هراسان ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته عدالت مون کي بي گناهه قرار ڏئي چڪي آهي، چيف جسٽس چئي چڪو آهي ته بلاول بي گناهه آهي.مان نيب کي ٽي ڀيرا جواب ڏئي چڪوآهيان،ٻيهر گهرائڻ تي اعتراضن جي باوجود پيش ٿيو آهيان،پر سياسي انتقام جي خلاف آواز اٿاريندو رهندس.

بلاول چيو ته نيب کي حق نٿو پهچي ته اهو مون کي ڊڪٽيٽ ڪرائي، مان سوالن جا پهريان ئي جواب ڏئي چڪو آهيان.

هن چيو ته ادارن کي استعمال ٿيڻ نه گهرجي،مان ادارن جو احترام ڪريان ٿو،بهرحال دٻاءُ جي باوجود  پوئتي نه هٽندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*