سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي پوائنٽ بس جي ڊرائيور پاران مبينا طور هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي پوائنٽ بس جي ڊرائيور پاران مبينا طور هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، شاگردياڻي ڊرائيور خلاف يونيورسٽي انتظاميا وٽ لکت ۾ درخواست ڏئي ڇڏي، شاگردياڻي جو چوڻ آهي ته ڊرائيور دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو هو، هاڻ خطرناڪ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

آرٽ اينڊ ڊيزائين  شعبي جي آخري سال جي شاگردياڻي کي پوائنٽ بس جي ڊرائيور مبينا طور هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

شاگردياڻي ڊرائيور خلاف سنڌ يونيورسٽي انتظاميا کي لکت ۾ درخواست ڏئي ڇڏي آهي، پر ان تي ڪا به اڳڀرائي سامهون نه اچي سگهي آهي.

شاگردياڻي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊرائيور اختر پٺاڻ دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو رهيو، هاڻ خطرناڪ نتيجن جون  ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

متاثر شاگردياڻي جو چوڻ آهي ته شڪايتن باوجود يونيورسٽي انتظاميا معاملي جو نوٽيس نه ورتو آهي.

سنڌ يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ واري انچارج رحمت الله شر پاران ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڏنل درخواست پوليس رد ڪري ڇڏي آهي.

 ايس ايڇ او ڄامشورو موجب درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي، آفيسرز کان اجازت وٺڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*