ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي مان عورت جي هٿ آيل 12 سال پراڻي لاش جي ذڪيا طور سڃاڻپ

ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي مان عورت جي هٿ آيل 12 سال پراڻي لاش جي ذڪيا طور سڃاڻپ ڪئي وئي، پوليس موجب عورت جو لاش فرج ۾ رکيو ويو هو، جيڪو ڍانچو ٿي وڃڻ تي گند جي ڍير تي اڇلايو ويو، فوتي عورت جي ڀاءُ محبوب کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، گرفتار محبوب موجب ذڪيا جو لاش پٽ ۽ ڌيءَ محبت طور فرج ۾ رکيو هو، جيڪي فوت ٿيڻ بعد سندس لاش جي سار سنڀال مون ڪئي.

گلشن اقبال جي بلاڪ 11 انسٽيٽيوٽ جي ڀت وٽان عورت جي پراڻي هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ذڪيه خاتون طور ڪئي وئي.

ايس ايس پي اوڀر موجب عورت جو لاش 10 کان 12 سال پراڻو ۽ رڳو ڍانچو آهي، پٽ ۽ ڌيءَ ماءُ جي فوت ٿيڻ بعد لاش دفنائڻ بدران فرج ۾ رکي ڇڏيو.

هن چيو ته پٽ ۽ ڌيءَ جي فوت ٿيڻ تي ذڪيه جي ڀاءُ محبوب سار سنڀال ڪئي، جنهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

ايس ايس پي اوڀر موجب ذڪيه جو فليٽ پٽ ۽ ڌيءَ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ڪافي وقت خالي پيل هو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*