ڪنڌڪوٽ جي عدالت چاچي جو قتل ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 5 لک ڏنڊ ۽ ڦاهي جي سزا

فرسٽ ايڊيشنل جج ۽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪنڌڪوٽ جي عدالت چاچي جو قتل ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 5 لک ڏنڊ ۽ ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

          فرسٽ ايڊيشنل ۽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل جي جج مسٽر سھيل احمد جتوئي جي عدالت جوابدار عبدالمجيد اعواڻ کي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 5 لک ڏنڊ ۽  ڦاهي جي سزا ٻڌائي.

واضح رهي جوابدارعبدالمجيد اعواڻ ملڪيت جي تڪرار تان 31 مئي 2019 تي پنھنجي چاچي عبدالرشيد اعواڻ کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*