سوشل ميڊيا کي عوام جي مفادن خاطر ريگيوليٽ ڪيو پيو وڃي: فواد چوڌري

سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سوشل ميڊيا کي عوام جي مفادن خاطر ريگيوليٽ ڪيو پيو وڃي، سوشل ميڊيا ڪمپنيز کي پاڪستان جي قانون تحت رجسٽرڊ ڪرڻ ضروري آهي.

  سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته برطانيه ۽ آمريڪا  به سوشل ميڊيا کي ريگوليٽ ڪيو آهي.

هن چيو ته  سڌريل ملڪن ۾ ايتري تنقيد نه پئي ٿئي، جيتري پاڪستان ۾ ٿي رهي  آهي.

فواد چوڌري چيو ته سوشل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ عوامي مفادن ۾ آهي.

واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي پابندين لاءِ جوڙيل ايڪٽ تي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.

مبصرن جو چوڻ آهي ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جيان حڪومت سوشل ميڊيا کي تباهه ڪرڻ گهري ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*