آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ معاشي سڌارن ۾ اڳڀرائپ جو اعتراف ڪري ورتو

آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ معاشي سڌارن ۾ اڳڀرائپ جو اعتراف ڪري ورتو

واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جيري رائيس چيو ته آءِ ايم ايف جو اسٽاف مشن پاڪستان ۾ حڪومتي عملدارن سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته آءِ ايم ايف  پروگرام تحت پاڪستاني معيشت جو ٻيو جائزو  ورتو پيو وڃي،آرٽيڪل فائيو تحت معاشي صحت تي تفصيلي صلاح مشورو به جاري آهي.

ٻئي طرف پاڪستان جي خزاني جي عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ڳالهيون اڄ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي.

هن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان بجلي، گيس جي قيمتن ۽ گردشي قرض جي معاملي تي سخت بحث ٿيو،ان سان گڏ سرڪاري ادارن جي نجڪاري سميت نان روينيو وڌائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

ياد رهي ته ٻئي اقتصادي جائزه ڳالهين  جي ڪاميابي تي پاڪستان کي 45 ڪروڙ ڊالرن جي ايندڙ قسط ملڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*