پاڪستان کي ٻيو گهر سمجهان ٿو: ترڪ صدر رجب طيب اردگان

ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته ڪشمير ترقي لاءِ اهائي حيثيت رکي ٿو، جيڪا پاڪستان لاءِ رکي ٿو.ڪشمير ۾ جبري پاليسيون اختيار ڪيون ويون، اَيف اَي ٽي ايف ۾ دٻاءُ جي باوجود پاڪستان جي حمايت جاري رکنداسين.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو ته مون پاڪستان ۾ پاڻ کي ڪڏهن به ڌاريو محسوس نه ڪيو،پاڪستان منهنجي لاءِ ٻئي گهر جي حيثيت رکي ٿو.

ترڪ صدر چيو ته پاڪستاني عوام کي عزت ۽ احترام وچان سلام پيش ڪريان ٿو،عوام جي خلوص ۽ مهمانوازي تي ٿورائتو آهيان،اڄ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سڀني لاءِ مثال آهن.

ترڪ صدر چيو ته پاڪستانين سان محبت نه ڪنداسين ته ٻيو ڪنهن سان ڪنداسين،انهن پنهنجو پيٽ ڪاٽي  اسان جي مدد ڪئي، جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون،اسان ترڪي لاءِ سجدي ۾دعائون ڪندڙن کي ڪيئن وساري سگهون ٿا.پاڪستان سان هميشه محبت وارا لاڳاپا قائم رهندا.

صدر رجب طيب اردگان چيو ته پاڪستان جو ڏک اسان جو ڏک آهي،ان جي ڪاميابي اسان جي ڪاميابي آهي،ترڪ آزادي جي تحريڪ جي حمايت ۾ پاڪستاني عورتن پنهنجا زيور وڪڻي اسان جي مدد ڪئي،اسان جي دوستي مفادن تي نه عشق ۽ محبت تي ٻڌل آهي.

ان کان اڳ پرڏيهي مهمان پارليامينٽ هائوس پهتو ته وزيراعظم عمران خان ان جو ريڊ ڪارپيٽ تي استقبال ڪيو.

ان موقعي تي پارليامينٽ کي پاڪستان ۽ ترڪي جي جهنڊن ۽ گيلريز کي گلدستن سان سينگاريو ويو.

وزيراعظم عمران خان، هٿياربند فوج جي سربراهن، پرڏيهي سفيرن،حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن، سينيٽرز ۽  وڏن وزيرن  اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*