ٺٽو ۽ سجاول ۾ خوراڪ کاتي جي گدامن مان ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ چوري جو انڪشاف

ٺٽي ۽ سجاول ۾خوراڪ کاتي جي گدامن مان ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ چوري جو انڪشاف ٿيڻ بعدگدام انچارج فرار ٿي ويا، خوراڪ کاتي جي خاص ٽيم سجاول پهچي گدام جو انتظام سنڀالي ورتو، خوراڪ کاتي جي ٽيم موجب شروعاتي جاچ ۾ ٻنهي گدامن جي سوين ٻورين ۾ڪڻڪ بدران بُهه ۽ توهه ڀريل هئڻ ۽ هزارين ٻوريون غائب هئڻ جو پتو پيو آهي،جنهن تحت گدام انچارج کي معطل ڪري نوٽيس ڏنا ويا آهن.

 خوراڪ کاتي ٺٽو ۽ سجاول جي گدامن مان ڪڻڪ چوري اسڪيندل سامهون اچي ويو، وڏي پئماني تي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيڻ بعد ٻنهي گدامن جا انچارج فرار ٿي ويا،

مڪلي جو گدام انچارج يوسف چنا ۽ سجاول جو گدام انچارج ياسين شاهه پاران چارج ۽ چاٻيون ڏيڻ بنا فرار ٿي وڃڻ سبب فلورملز کي سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ فراھمي وارو عمل به متاثر ٿي ويو،

ڪڻڪ چوري ۽ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيڻ بعد خوراڪ کاتي جي خاص ٽيم سجاول پهچي گدام جو انتظام سنڀالي ورتو،

ڪڻڪ گدام جو انتظام سنڀاليندڙ خوراڪ کاتي جي ٽيم موجب شروعاتي جاچ ۾ ٻنهي گدامن جي سوين ٻورين ۾ڪڻڪ بدران بُهه ۽ توهه ڀريل هئڻ جو پتو پيو آهي، جڏهن ته مڪلي گدام مان ڪڻڪ جون  چار ھزار 485 ٻوريون ۽ سجاول جي گدام مان 2 ھزار 747 ٻوريون گم ھجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن بعد گدام انچارج کي معطل ڪري نوٽيس ڏنا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*