جيڪي ڪرپشن ڪن ٿا، اهي فوج کان ڊڄندا آهن، مان ڪرپٽ ناهيان: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان ڪرپٽ ناهيان،جيڪي ڪرپشن ڪن ٿا،انهن کي فوج کان ڊپ هوندو آهي،مولانا فضل الرحمان تي آرٽيڪل 6 تحت غداري جو ڪيس هلڻ گهرجي،اٽي ۽ کنڊ جي بحران جي شروعاتي رپورٽ ۾ جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار جو نالو ناهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران  وزيراعظم عمران خان چيو ته مليٽري ايجنسين کي خبر هوندي آهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي،انڪري جيڪي ڪرپشن ڪندا آهن، فوج جو ڊپ انهن کي هوندو آهي،مان نه ڪرپٽ آهيان، نڪي وري پئسو ٺاهي رهيو آهيان.

ملڪ ۾ اٽي جي بحران بابت هن چيو ته اپوزيشن حڪومت جي وڃڻ جون ڳالهيون صرف پنهنجي پارٽي کي متحد رکڻ لاءِ ڪندي آهي ۽ اها سياسي مافيا آهي، انهن کي مهانگائي نه پر پنهنجي ذات  جو فڪر آهي.

هن واضح ڪيو ته اٽي بحران جي شروعاتي رپورٽ ۾ جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار جو نالو ناهي.

آءِ ايم ايف جو  بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان عمران خان چيو ته بجلي جي اگهن کي وڌيڪ وڌائي نٿا سگهون،ان حوالي سان آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويندا.

جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي بيان تي وزير اعظم چيو ته هن جي بيان تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي، معلوم هجڻ گهرجي ته مولانا فضل الرحمان  کي ڪنهن خاطري ڪرائي هئي.

سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان وزير اعظم ٻڌايو ته اليڪشن سڌارن لاءِ قانون آڻي رهيا آهيون،جن تحت اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ بايو ميٽرڪ سسٽم لازمي قرار ڏينداسين.

هن وڌيڪ چيو ته سينيٽ اليڪشن ڳجهي راءِ شماري  سان نه ٿيندي ۽ شو آف هينڊز سان سينيٽ اليڪشن جو قانون آڻينداسين

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*