جهل مگسي واقعي ۾ زخمي ٿيل هڪ وڌيڪ نوجوان فوت

لسٻيلو ۾ شادي کانپوءِ ڪنوار وٺي واپس ايندڙ مديجي واسي ڄاڃين سان جهل مگسي ويجهو پيش آيل لِڱَ ڪانڊاريندڙ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 14 ٿي ويو آهي، فوتين ۾ گهوٽ جو ڀاءُ به شامل آهي، جڏهن ته گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 29 زخمين جو چانڊڪا اسپتال ۾ اڃا به علاج هلندڙ آهي، 10 لاش پنهنجي ڳوٺ پهچايا ويا آهن، لڱ ڪانڊاريندڙ حادثي سبب شاديءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.

بلوچستان جي جهل مگسي واري علائقي ۾ ڄاڃين سان ڀريل مزدا ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 52 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي شهدادڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي 13 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو.

شهداد ڪوٽ اسپتال ۾ داخل ڪرايل 39 ڄڻن مان 30 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي وڌيڪ هڪ زخمي علي اصغر زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو.

فوتين مان 10 ڄڻن جا لاش مديجي ويجهو دڙو ڳوٺ ۽ هڪ لاش ڳوٺ فقير روشن بروهي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

فوتين ۾ گهوٽ جو ڀاءُ علي جان، ٻارڙي سميرا، نينگري گل بيبي، محمد رمضان ۽ ٻيا شامل آهن.

لسٻيلو ۾ شادي کانپوءِ ڪنوار وٺي واپس ايندڙ مديجي واسي ڄاڃين جي مزدا سان باريجا وٽ حادثو پيش آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*