وفاق ٻن سالن ۾ ٽڪو به ناهي ڏنو: صوبائي وزير اسماعيل راهو

وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته آبادگار ڪڻڪ جو في مڻ اگهه 1600 رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، وفاق سنڌ جا اربين رپيا روڪي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري ڪڻڪ جي اگهه ۾ واڌ نٿي ڪري سگهجي.
پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو آبادگارن جو ڪڻڪ جي امدادي قيمت 16 سئو رپيا في مڻ ڪرڻ وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
صوبائي وزير چيو ته آبادگار ڪڻڪ جو امدادي اگهه 1600 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن پر وفاق سنڌ جا اربين رپيا روڪي ڇڏيا آهن ۽ پوڻا 2 سال ۾ هڪ ٽڪو به ناهي ڏنو ويو.
اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته وفاق کان پئسا نه ملڻ سبب ڪڻڪ تي سبسڊي نٿي ڏئي سگهجي، جيڪڏهن ڪڻڪ جي اگهه ۾ واڌ ڪئي ته اٽو       مهانگو ٿي ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*