عمران مافيا قوم تي وڌيڪ 250 ارب رپين جا ٽيڪس مڙهڻ چاهي ٿي: مريم اورنگزيب

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران مافيا جي نااهلي  سبب آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول ٺاهه ٿي نه سگهيو.
جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته بغير معاشي روڊ ميپ  آءِ ايم ايف جا وڌيڪ شرط قبول ڪرڻ  عوام جو معاشي قتل عام آهي.
مريم اورنگزيب چيو ته  اسٽاف ليول ٺاهه نه ٿيڻ معيشت جو ٻيڙو ٻوڙڻ جو هڪ ٻيو ثبوت آهي.
ن ليگ جي ترجمان چيو ته عمران مافيا  قوم تي وڌيڪ 250 ارب رپين جا ٽيڪس مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ڪرپٽ عمران مافيا  مني بجيٽ به آڻيندي، وڌيڪ مهانگائي به ڪندي.
مريم اورنگزيب چيو ته عمران مافيا گردشي قرض جي رفتار  تيز ڪندي ماهوار  44 ارب جو اضافوٿي رهيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*