وزيراعظم عمران خان لاهور پهچي سيف سٽي آفيس جو دورو ڪيو

وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي  سيف سٽي آفيس جو دورو ڪيو،ان موقعي تي وزير اعظم کي سيف سٽي پروجيڪٽ جي عملدارن پاران بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي وزيراعظم کي لاهور کي محفوظ بنائڻ لاءِ گلوبل پورٽل جي باري ۾ آگاهي ڏني وئي .

ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار نويڪلائي ۾ ملاقات ڪري مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

وڏي وزير پنجاب ۾ امن امان، ترقياتي ڪمن ۽ اتحادين سان معاملن بابت  وزير اعظم کي آگاهه ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*