نوشهروفيروز لڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پ پ ايم پي اي شهناز انصاري مارجي وئي

نوشهروفيروز لڳ ڳوٺ علي مراد کوکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سخت زخمي ٿيل پيپلزپارٽي جي ايم پي اي شهناز انصاري نوابشاهه جي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. شهناز انصاري ڳوٺ علي مراد کوکر ۾ پنهنجي ڀيڻيوي مرحوم زاهد کوکر جي چاليهي ۾ شرڪت لاءِ آئي هئي.

شهناز انصاري چاليهي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتي ته اتي موجود مرحوم زاهد کوکر جي ڀائيٽي وقار کوکر مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ شهناز انصاري سخت زخمي ٿي پئي. شهناز کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ نوابشاهه جي پي ايم يو منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جي سٽ نه سهندي هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ايم پي اي شهناز انصاري جو قتل ملڪيت جي تڪرار تان پيش آيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب ايم پي اي شهناز انصاري جو ڀيڻيوو زاهد کوکر به 40 ڏينهن اڳ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو ۽ ايم پي اي شهناز سندس چاليهي ۾ شرڪت لاءِ آئي هئي.

ذريعن موجب ايم پي اي شهناز انصاري جو سندس ڀيڻيوي زاهد کوکر جي ڀائرن ۽ ڀائيٽي سان ملڪيتن جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو ۽ ايم پي اي شهناز ان حوالي سان ڪيترائي ڀيرا خدشن جو اظهار به ڪيو هو. ايم پي اي جي قتل کانپوءِ پوليس اٽالن ڳوٺ علي مراد کوکر کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي.

واقعي کانپوءِ جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*