ڪراچي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين کي حملي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو

ڪراچي دشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس  ساٿي حملي ڪيس مان بري ٿي ويا آهن

ڪڙيو گنهور ٿاڻي تي  ڀڃ ڊاهه ڪرائڻ  واري الزام جي  ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سميت20 ڄڻن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو آهي

عدالت اهڙو حڪم ڪيس ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ٻين جوابدارن جي بيان قلمبند ڪرڻ ۽ ڌرين جي وڪيلن جا حتمي دليل ڏيڻ بعد ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڏنو

گذريل ٻڌڻي تي عدالت ڪڙيو گنهور واري ڪيس جي جاچ آفيسر جو بيان قلمبند ڪندي، جوابدارن کي بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو هو

 ڄاڻايل ڪيس ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس حامين مٿان ڪڙيو گنهور  ۾ اهو الزام هو ته احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪيو ۽ ان موقعي تي انهن ڀڃ ڊاهه ڪري سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪئي.

واضح رهي ته  ذوالفقار مرزا ۽ ٻين خلاف بدين ٿاڻي تي حملي واري ڪيس سميت ٽن ڪيسن جي ٻڌڻي 29 فيبروري تي ٿيندي

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*