ايم پي اي شهناز انصاري جو قتل کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي سي ۽ ايس پي نوشهروفيروز کي لکيل خط منظر تي اچي ويو

نوشهروفيروز لڳ فائرنگ ۾ مارجي ويل پيپلزپارٽي جي ايم پي اي شهناز انصاري پاران قتل کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي سي ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز ڏانهن لکيل خط منظرعام تي اچي ويو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي حياتي کي درپيش خطرن بابت ٻنهي آفيسرز کي آگاهه ڪيو هو.

قتل کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي سي ۽ ايس ايس پي ڏانهن لکيل ان خط ۾ ايم پي اي شهناز انصاري چيو هو ته 5 جنوري 2020ع تي منهنجي ڀيڻيوي زاهد کوکر جو طبعي موت ٿيو هو، ان کان اڳ هن سموري ملڪيت منهنجي ڀيڻ ۽ پنهنجن ٻارن جي نالي ڪري ڇڏي هئي. پر سندس ڀائر هاڻي تنگ پيا ڪن.

شهناز انصاري خط ۾ اهو موقف اختيار ڪيو هو ته اختر علي کوکر، سندس ڀائر ۽ سندس پٽ اختيار علي کوکر مون کي ۽ منهنجي بيوه ڀيڻ ۽ سندس ٻارن کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ هيسائي رهيا آهن. ذڪر ڪيل جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ منهنجو هي خط ريڪارڊ تي رکيو وڃي.

ايم پي اي شهناز انصاري جو قتل کان اڳ لکيل خط سامهون اچڻ کانپوءِ اهو واضح ٿي ويو آهي ته حياتيءَ کي درپيش خطرن جو اظهار ڪرڻ باوجود پوليس توڙي انتظاميا پاران کيس تحفظ فراهم ڪرڻ توڙي جوابدارن خلاف ڪارروائي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*