بلين ٽري ۽ بي آر ٽي منصوبا ڪرپشن جي آماجگاهه بڻجي ويا آهن: شهباز شريف

ن ليگ جي صدر شهباز شريف ،لاهور ۾ شريف خاندان جي ملڪيتن تي ڇاپن ۽ اسحاق ڊار جي گهر کي اولڊ هائوس ۾ تبديل ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پنجاب حڪومت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن.

لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته عدالت جي اسٽي آرڊر جي باوجود  اسحاق ڊار جي گهر کي اولڊ هائوس قرار ڏنو ويو.

هن چيو ته بلين ٽري ۽ بي آرٽي منصوبا ڪرپشن جي آماجگاهه بڻجي ويا آهن.

شهباز شريف چيو ته مشرف دور ۾ ماڊل ٽائون  جي گهر تي قبضو ڪيو ويو هو،آفيسن ۽ فيڪٽرين کي بند ڪيو ويو هو.

ن ليگ جي صدر چيو ته موجودهه وقت ۾ مشرف جي دور کي ورجايو پيو وڃي،جڏهن ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ لاقانونيت عام آهن.

شهبازشريف چيو ته لاهور جي سيف سٽي جو منصوبو اسان جي دور ۾ مڪمل ٿيو ۽ اسان ئي افتتاح ڪيو هو.

هڪ سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته مولانا فضل الرحمان جي خلاف ڪهڙي خوشي ۾ بغاوت جوڪيس داخل ٿيندو،هن اسلام آباد کي بند نه ڪيو، نه ئي سول نافرماني جي ڳالهه ڪئي.

هن چيو ته ماڊل ٽائون ۾ نيب جو ڇاپو غنڊه گردي آهي،پوري ملڪ ۾ عمران خان، نيب ۽ شهزاد اڪبر کي شريف فيملي کانسواءِ ڪوبه نظر نه اچي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*