عمران مافيا پنهنجي نااهلي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ سياسي مخالفن جي گهر تي ڇاپا هڻائي رهي آهي: مريم اورنگزيب

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران مافيا، شريف گروپ جي آفيسن تي ڇاپو ته هنيو، پر هميشه جيان ڪجهه به نه مليو
جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران مافيا ٻڌائي هاڻ جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار جي آفيسن ۽ ملز تي ڪڏهن ڇاپا لڳندا
هن سوال ڪيو ته حڪومت18 مهينن دوران 13 هزار ارب رپين جو قرض ورتو،اها رقم ۽ پشاور ميٽرو جا 150 ارب رپيا ڪيڏانهن ويا؟
هن چيو ته نيب جهانگير ترين، خسرو بختيار، زمان پارڪ،بني گالا تي ڇاپو هڻي ته خبر پئجي ويندي ته عمران صاحب جي لينڊ ڪروزر ڪٿان آئي.
ن ليگ ترجمان چيو ته عمران مافيا، شريف خاندان، مسلم ليگ نون کي جيلن ۾ رکي ڪري 18 مهينن ۾ هڪ رپئي جي ڪرپشن جو ثبوت عدالت ۾ پيش نه ڪيو.
هن چيو ته عمران مافيا پنهنجي چوري، نااهلي ۽ نالائقي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ سياسي مخالفن جي گهر تي ڇاپا هڻي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*