ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ گئس ليڪ ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت

ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ گئس ليڪ ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ بيهوش ٿي ويا، بيهوش ٿيلن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو، ذريعن موجب واقعو زهريلي گئس ليڪ ٿيڻ سبب پيش آيو آهي، ڪي پي ٽي جي ترجمان چيو آهي ته پورٽ جي اندر ڪا به گئس ليڪيج نه ٿي آهي، پورٽ ڪليئر آهي، ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي جو چوڻ آهي ته 10 ايمبولنسز پورٽ ڏانهن اماڻيون ويون آهن، وڏي وزير نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*