شهيد عزيز ميمڻ جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

ڪي ٽي اين نيوز محرابپور جي شهيد ڪيل رپورٽر عزيز ميمڻ کي سوين آلين اکين مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي ۾ سوين ماڻهن جي شرڪت، مڙهه قبرستان منتقل ڪرڻ لاءِ اسپتال انتظاميا پاران ايمبولينس فراهم نه ڪئي وئي، جنهن بعد شهيد جو مڙهه ڊاٽسن ۾ رکي 3 ڪلوميٽر پري اباڻي قبرستان منتقل ڪيو ويو، سوڳ ۾ شهر بند، پوليس جوابدارن جو پتو لڳائڻ  ۾ ناڪام ٿي وئي، ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

 ڪي ٽي اين نيوز محرابپور جي شهيد ڪيل رپورٽر عزيز ميمڻ جو مڙهه ڳوٺ صالح سهتو ويجهو اباڻي قبرستان ۾سوين آلين اکين جي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

شهيد عزيز ميمڻ جي جنازي نماز  محرابپور جي هاءِ اسڪول گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ صحافين، سياسي سماجي ڌرين ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

جنازي نماز کانپوءِ شهيد جو مڙهه ڊاٽسن پڪ اپ ۾ رکي 3 ڪلو ميٽر پري ڳوٺ صالح سهتو ويجهو اباڻي قبرستان نيو ويو، جتي سوين آلين اکين جي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 واقعي کي ڪيترائي ڪلاڪ گذري وڃڻ کانپوءِ به پوليس جوابدارن جو پتو لڳائڻ  ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته وڏي وزير پاران نوٽيس وٺڻ باوجود ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

 ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش محرابپور جي رپورٽر عزيز ميمڻ کي گذريل ڏينهن اڻڄاتل جوابدارن قتل ڪري ڇڏيو هو، شهيد جو ڪيبل سان گهٽا ڏنل لاش محرابپور ويجهو ڳوڌُو شاخ مان هٿ آيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*