بلاول ڀٽو زرداري پاران شهيد ٿي ويل ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر عزيز ميمڻ جي قتل جي مذمت

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪي ٽي اين نيوز جي شهيد رپورٽر عزيز ميمڻ جي قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي چنبي ۾ آڻي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي، صحافين جي تحفظ جي معاملي ۾ ڪنهن به مصلحت جو شڪار نه ٿينداسين.

جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو شهيد عزيز ميمڻ جي وارثن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان، هر مقتول جي وارث جو غم سمجهي سگهان ٿو.

پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ تي پيپلزپارٽي هميشه واضح موقف اختيار ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*