چين ۾ ڪرونا وائرس تيزيءَ سان حياتيون ڳڙڪائڻ لڳو، وڌيڪ 93 ماڻهو فوت

چين ۾ ڪرونا وائرس  تي  ضابطو نه آيو،وائرس ۾ وڌيڪ 93 جانيون ضايع ٿي ويون

پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪرونا وائرس ۾ وڌيڪ جانين جي زيان کانپوءِ  فوتين جو تعداد 1863 ٿي ويو.

چيني حڪومت جو چوڻ آهي ته 1807 وڌيڪ مريض وائرس جو شڪار ٿيا آهن.

چيني هيلٿ ڪميشن مطابق چين ۾ ڪرونا وائرس  کان متاثر مريض جو تعداد 72 هزار 300 کان وڌي ويو، جن ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف به شامل آهي.

پرڏيهي  ميڊيا  مطابق چين ۾ ڊاڪٽرز ۽ نرسز کي به مريضن جي علاج ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

ڪرونا وائرس سبب چين کانسواءِ تائيوان، فلپائن، هانگ ڪانگ، جاپان ۽ فرانس ۾ پنج ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ به ڪيترائي ماڻهو بيمار آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*