ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪي ۾ پوليس 10 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪلب ويجهو ڌماڪي جو ڪيس اڻ ڄاتل جوابدارن جي خلاف داخل  ڪيو ويو آهي، پوليس  10 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪلب ٻاهران مظاهري دوران قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون، جڏهن ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 18 ڄڻن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي.

ڊي آءِ جي  عبدالرزاق  چيما جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار  شارع اقبال مان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ته پوليس اهلڪارن ان کي روڪيو، جنهن تي حملي ڪندڙ  پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*