پاڪستان فضا مان فائر ڪندڙ ڪروز ميزائل رعد ٽو جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو: آءِ ايس پي آر

پاڪستان فضا مان  فائر ڪندڙ ڪروز ميزائل راعد ٽو جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار سماجي ويب سائيٽ تي ٻڌايو ته راعد ٽو جي رينج 600 ڪلوميٽرن تائين آهي ۽ پنهنجي هدف کي درست نشاني جي صلاحيت رکي ٿو.

هن ٻڌايو ته راعد ٽو  جي تجربي سان پاڪستان زمين ۽ سمنڊ تائين هدف کي نشانو بنائڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ان ميزائل ۾ جديد نيوي گيشن ۽ گائڊنس جونظام موجود آهي، جنهن سان ميزائل هدف کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو.

هن اهو به ٻڌايو ته ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پلانز ڊيزن چيئرمين نيسڪام ڊاڪٽر نديم حيات ملڪ ۽ ايس پي ڊي  جي اعليٰ عملدارن راعد ٽو جي ڪامياب تجربي جو مشاهدو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*